اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 747 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 31 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 881، پ??جاب ۾ 11 هزار 239، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 888، اسلام آباد ۾ 3 هزار 442، بلوچستان ۾ هڪ هزار 617، گلگت بلتستان ۾ 533، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 96 هزار 881 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 93 مريض آ??ن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 903 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 263 آه??، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 698، بلوچستان ۾ 15 هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 778، اسلام آباد ۾ 16 هزار 581، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 776، پ??جاب ۾ 99 هزار 378 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 36 هزار 795 مريض آ??ن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 479 آه??.