اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت سدائين پاڪستان ??ي سفارتي اڪيلائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ان ??ي ناڪامي ٿي، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي، ڏکڻ ايشيا جا سموراملڪ ڀارت جي توسيعي پسنداڻي ارادن جو شڪار آهن، چين سان حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي س??ن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو آزمايل دوست آهي، راهداري جي ٻي مرحلي ۾ غربت جي خاتمي ۽ زرعي ترقي کي شامل ڪيو ويو، گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. آفريقي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آهي، وز??راعظم عمران خان ??ورونا جي صورتحال ۾ قرضن ۾ رليف لاءِ عالمي س??ح تي آواز بلند ڪيو آهي، اڄ پوري دنيا افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪري ٿي، پوري دنيا افغان مسئلي جي سياسي حل کي ترجيح ڏئي رهي آهي، اميد آهي ته ان جا ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا، هر عالمي فورم تي پاڪستان ۽ ڪشمير جو موقف پيش ڪيو آهي، حڪومتي ڪوششن سان ??شمي?? مسئلي کي عالمي س??ح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، وز??راعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اٿاريو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي س??ن پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.