اسلام آباد – 19 ??ول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کا??سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کا??پوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کا??سواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.