مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، م??دي جي انتهاپسند حڪومت ??سلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آهي ج??ڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، حڪومت ??ائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، احساس پروگرام تحت مالي مدد کانسواءِ پوري آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي سمورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائن آف ڪنٽرول جي رهواسين جي لاءِ احس??س ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.