مظفر آباد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪنٽرول لائين تي جنگ بندي جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ مسلمانن سان معتصباڻي رويي ۽ والاريل ڪشمي?? ۾ ??شميرين تي ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ??المي برادري خاص طور تي گڏيل قومون ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ان صورتحال جو نوٽيس وٺي، ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جو ڪيس هر فورم تي کڻنداسين، ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، متحد ٿي ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداس??ن. ??هڙن خيالن جو اظهار هن مطفرآباد جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.