اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 8 لک 15 هزار 548 خاندانن کي امداد انهن جي گهرن تائين پهچائي وئي آهي، اڍائي کان ٽن هفتن ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ هڪ ارب 44 ڪروڙ رپيا پهچائڻ جو هدف مڪمل ڪيو ويندو، احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام حقوق العباد جي پاسداري ??و روشن مثال آهي. هو اسلام آباد ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرا?? جي لاءِ قائم ڪيل ڪيش پوائنٽ جي دوري ??ي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.