اسل??م آباد – 14 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير م??دي هنردوست الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا، فلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي شخصيتن ثقافتي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ڇو ته ٻنهي ملڪن وٽ عالمي سطح تي پ??ش ڪرڻ جي لاءِ عظيم قومي ورثو، روايتون ۽ قدر موجود آهن.