ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته مرحومه فوزيه وهاب غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ سياستدان، پروقار شخ??يت جي مالڪ ۽ ثابت قدم اڳواڻ هئي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽ?? زرداري پارٽي جي اهم عورت اڳواڻ مرحومه فوزيه وهاب کي ان جي 11 هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته فوزيه وهاب جي پارٽي جي لاءِ خدمتون ڊگھيون ۽ شاندار آهن ۽ هو ق??اد?? ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.