اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته شهباز ش??يف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شهباز ش??يف ۽ حمزه شهباز جي ڪيس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو ته اڄ شهباز ش??يف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز ش??يف ۽ حمزه شهباز جي خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شهباز ۽ حمزه پ??ران فرد جرم کي روڪڻ جي لاءِ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد اهو آهي ته اصل ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته انهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرد جرم لڳڻ ڏيو، فرد جرم جو جواب ڏيو ته رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي ا??ائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شهباز ش??يف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي ا??ائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شهباز شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن جي نالي تي 14 بي نامي ا??ائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته اڄ شهباز ش??يف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته روزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خان جي خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي لاءِ ڪيس ڪيو ته عمران خان ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خان اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خان ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.