اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي ل??ءِ چين وانگر جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي. صدر قومي براڊ بينڊ نيٽ ورڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ ٽيلي مواصلاتي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نم??ئن??ن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف ??لو?? فورم منعقد ڪرڻ تي پي ٽي اي ۽ هواوي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي بابت فيصلاسازن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جنريشن گيپ هوندو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ل??ءِ ضروري اهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي ل??ءِ حڪومت پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي، حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اها ان ۾ س??ول?? جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت جهڙي طرح روانگي واپار ۽ آمدني واپار سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اها آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ل??ءِ پڻ پنهنجون ترجيحون تعين ڪندي. صدر چيو ته ڊيٽا جو استعمال ضروري آهي، دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي جو ان جو تجزيو ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، براڊ بينڊ ۾ به وسعت اچي وئي آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ل??ءِ مستقبل جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال چاهيون ٿا جنهن جي ل??ءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي گري ٽيليفوني کي روڪڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي ل??ءِ سمورين يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي، جڏهن ته صدر اهو واضح ڪيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن کي تيار ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ بدران ملڪ جي ترقي ل??ءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ حڪومت جي بهتر فيصلن جي ڪري اي ڪامرس ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو عمل آسان ٿي ويو، آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بيمارين تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ضرورتمندن کي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم فراهم ڪري رهيا آهيون.