راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري م??سودا گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ الوداعي ملاقات ڪ??ي. ??لاقات دوران گڏيل دلچسپي جي م??املن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، مجموعي علائقائي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آر چيف جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳا??ن کي هٿي ڏيڻ ۽ دفاعي/سيڪيورٽي تعاون ۽ افغان صورتحال تي م??قف جي حمايت ۾ ان جي شرڪت کي ساراهيو. جاپاني سفير افغان صورتحال سميت افغانستان مان ڪامياب نيڪاليءَ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين لاڳا??ن کي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظه??ر ڪيو.