اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، ا??غا??ستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ا??غا??ستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ ا??غا?? عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ا??غا??ستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ا??غا??ستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ م??د ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ا??غا??ستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته ا??غا?? عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن ا??غا??ستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.