اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اسپين جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بوئنيو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري جي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورت?? کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عالمي برادري جي مثبت انگيجمينٽ تي زور ڏنو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سي??يور??ي جي صورتحال مستحڪم ٿئي، امن برقرار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئماني تي هجرت کي روڪي سگهجي. اسپين جي پرڏيهي وزير سفارتي مشنز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اهلڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش?? کي ساراهيو. وزيراعظم ان ??لس??ي ۾ پاڪستان جي م??لس?? حمايت جو يقين ڏياريو. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان اسپين لاڳاپا سمورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم اسپين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.