اسلام ??باد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام ??هم آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پاڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ايوان صدر ?? ”??ختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام ??هم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان ن??ين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.