اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي من???? جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسان جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گه??جن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت من??ور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ من??ر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي ج?? فوري نوٽيس ورتو ۽ من??ر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر من??ر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونس?? جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر من??ر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.