اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي ??رجي جي صنعتن جي فروغ سان معاشي ??مل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي ??ستحڪام ۽ ترقي جي حوالي ??ان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حوالي ??ان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي ??رجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حوالي ??ان هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي ??نعتن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ننڍي ۽ وچولي ??رجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حوالي ??ان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته پهريون ڀيرو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اسٽيٽ بئنڪ پاران تقريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حوالي ??ان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته بئنڪن پاران ان حوالي ??ان نهايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچ??پي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايس کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حوالي ??ان مخصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ايس ايم ايس کي قرضن جي فراهمي جي حوالي ??ان بئنڪن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.