اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن ??وپ?? بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ت??مي??ن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ت??مي??ن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لاءِ بند ??ي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي سمو??ي اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ اليڪشن ??وپ?? بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ت??مي??ون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪري رهيا هئا.