اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اوگرا پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ تجويز ڪيل اضافي جي تجويز رد ڪر?? ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اوگرا پاران پيٽرول جي ق??مت ۾ 14.07 روپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ق??مت ۾ 13.16 روپيا، گاسليٽ جي ق??مت ۾ 10.97 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي ق??مت ۾ 7.43 روپيا اضافو تجويز ڪيو ويو هو. عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي تجويز منظور نه ڪئي. وزيراعظم چ??و ته ح??وم?? عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر حد تائين ويندي.