ا??لا?? آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس جي ويڪسين حاصل ??رڻ?? استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا وائرس جي عام مريضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽي?? جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽي??ني??ل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ??رڻ?? پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپن?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ ا??لا?? آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو ا??لا?? آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي ج??ڙي وئي آه?? جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.