اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان ک??يل بدديانتي ڪ??ي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ ان??ن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄ?? فيملي ڪ??روبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪ??ي سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.