اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگار ماحول جڙي رهيو آه??، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن ع??ل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آه??. افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آه?? ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي سان واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ??ين??ن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آه??.