اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 300 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 20 هزار 882 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجاب ۾ 8 هزار 805،خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 600، اسلام آباد ۾ 2 هزار 706، بلوچستان ۾ 230، گلگت بلتستان ۾ 267، آزاد ??شم??ر ۾ 27 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿ??ندڙن ??و تعدا?? 2 لک 80 هزار 970 ٿي چڪو آه??. آزاد ??شم??ر، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 92 مريض آه??، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 881 آه??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعدا?? 2 لک 96 هزار 149 آه??، جنهن مان آزاد ??شم??ر ۾ 2 هزار 299، بلوچستان ۾ 12 هزار 879، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 903، اسلام آباد ۾ 15 هزار 649، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 118، پنجاب ۾ 96 هزار 832 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 469 مريض آه??.