اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪورونا جي روڪٿام ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ۾ توازن قائم رکيو وڃي، واپاري برادري جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي، ڪورونا جي خلاف سڀ کان موثر ح??مت عملي سماجي فاصلي کي يقيني بڻائڻ آهي، ان جنگ ۾ ڊاڪٽر ۽ طبي عملو اسان جو هر اول ??ست?? آهي ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??ول??ن ترجيح آهي، مسجدن ۽ عبادتن جي حوالي سان ح??مت عملي ملڪ جي عالم سڳورن جي مڪمل اتفاق راءِ طئي ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان قدم گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ روڪٿام جي حوالي سان قدمن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.