اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ڪورونا ??ائرس جي موجوده تازي صورتحال ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي او سي موجب منصوبابندي، ت??قي ۽ سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. فورم هيستائين جي اڳڀرائي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو. آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، پنج??ب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.