اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام ج?? زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنجي شهرين جي حوالي سان ان کي آهي، سارڪ تن??يم خطي ۾ رهندڙ عوام ج?? گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سارڪ تن??يم خطي ۾ رهندڙ عوام ج?? گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.