اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوا?? جي حق ۾ بيان واکاڻ جوڳو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آءِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظيم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي. خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آءِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي اصولي موقف جي اڻٽر حما??ت واکاڻ جوڳي آهي.