مڪه مڪرمه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ بيت الله ?? نفل ادا ڪيا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا جتي هن نفل ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلمان امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبا??ڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جن??ن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ تي هديه عقيدت پيش ڪيو. هن وفد سان گڏ هتي روزو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ادا ڪئي، نفل پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ادا ڪئي.