اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پ??ڪس??ان جي گلابي لوڻ کي پ??ڪس??ان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پ??ڪس??ان اسٽيل ملز جي لاءِ نيشنل ب??نڪ آف پ??ڪس??ان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت ليٽر آف ڪريڊٽ جي لاءِ پ??ڪس??ان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.