اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو رچايو آهي، جن واردات ڪئي اهي پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهچي ويا، مخالف ڌر کي اهڙو ڊرامو ڪندي شرم اچڻ گهرجي، پئسي جو استعمال، ڌمڪي ۽ ڌانڌلي مخالف ڌر جو مشغلو رهيو آهي، اس??ن ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي ??هه تائين وينداسين، ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي ??ان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن ??ان شفافيت ۽ شو آف هينڊز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جنهن جي لاءِ اسان عملي طور تي پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين س??ن ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبرن جي ??لف برداري ??ان اڳ مخالف ڌر جي ڪڌي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن پاڻ واردات ڪئي ۽ پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهتا، اهي اهڙي طرح جي ڪاررواين جا ماسٽر مائينڊ آهن، اس??ن ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي ??هه تائين وينداسين ۽ ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهن کي ووٽ رد ڪرڻ ??ان وٺي ووٽ چوري ڪرڻ تائين جو طريقو ٻڌائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي ??ڪثريت هئي، اقليت ۾ هوندي به انهن جو اميدوار ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو گذريل رات به مصروف عمل رهيا. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ به شفاف اليڪشن ۽ شو آف هينڊ لاءِ وياسين پر انهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ به اسان انهن کي چئلينج ڪريون ٿا ته شو آف هينڊ تي اچن پر اهي ڳجهي راءِ شماري جي ??ريعي ڌمڪي ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا قائل آهن. اڄ انهن پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرائن جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي ڊرامو رچايو اسان ان واقعي جي ??اچ ڪر??ئينداسين ۽ ان جي ??هه تائين وينداسين.