اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي چيف آرگنائيزر سينيٽر سيف الله خان نيازي، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ڪياني ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اڄوڪي ٿيندڙ چونڊن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي مرڪزي ميڊيا ڊ??ار??مينٽ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال جي روشني ۾ آئنده جي حڪمت عملي تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.