اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي ??ربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي جي ??الت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ??رورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ختم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران خان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ?? اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي ??ربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ماضي ۾ مون پنهنجي ??ندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ??هه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊالر جي ??ساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عمران خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام جي ??الت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ??رورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.