اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 ه??ار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دو??ان فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪوويڊ – 19 جا 35 ه??ار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 ه??ار 535، پنجاب ۾ 15 ه??ار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ه??ار 543، اسلام آباد ۾ 5 ه??ار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 ه??ار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ??يسز جو انگ 34 ه??ار 916 آهي.