اسلام آباد – 28 مئي (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي ??ان جڙيل حقيقتن کي منظر عام ت?? آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عو??م کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر ??ان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي ??ان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.