اسلام آ??اد – 20 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي ملڪن جي پارليامينٽن جي لاءِ چئيلنجز پي??ا ڪري ڇڏيا آهن، سينيٽ هال ۾ سماجي فاصلي سان اجل??س منعقد ڪرڻ ممڪن نه آهي، پارلياماني روايتن کي ڏسندي سينيٽ اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ منعقد ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن سينيٽ پنهنجو آئيني ڪردار ا??ا ڪري سگهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي لکيل خط ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي پارليامينٽن جي لاءِ چئلينجز پي??ا ڪري ڇڏيا آهن، سينيٽ هال ۾ سماجي فاصلي سان اجل??س منعقد ڪرڻ ممڪن نه آهي.