اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، جڏه?? ته مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زا??رين کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن واپس آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياماني ڪميٽي زا??رين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهرين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي