اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻ?? پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، دنيا ان ج?? پاليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽر??يش??ل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد ??وا?? کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب جي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪ?? کان بچي نه ٿا سگهن.