اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا تاريخ، مذهب ۽ ثقافت سان ڳنڍي?? آهن، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان پارليامينٽ (هيٺئين ايوان) جي چيئرمين يرلان ڪوشانوف جي قيادت ۾ 9 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت ۾ گهرا ڳنڍي?? آهن. هن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ??اڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪاليف سان آستانه ۾ سيڪا سربراهي اجلاس ۽ سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ملاقاتن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته ??نهي ڌرين لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻط??في تعاون کي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??و قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. هن ٻڌايو ته ??اڪستان جلد ئي وچ ايشيائي رياستن سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رستي ۽ ريل رابطن تي ڌيان ڏنو ويندو. يرلان ڪوشانوف وزيراعظم کي بين الپارلياماني دوستي گروپ جي اجلاس بات آگاهه ڪيو جيڪو قازقستان جي پارلياماني وفد جي جاري دوري دوران منعقد ٿيو. هن پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ??ازقستان پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ٻط??في واپار ۽ رابطن، دواسازي جي صنعت ۽ سرجيڪل ۽ راندين جي سامان ۾ تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻط??في واپار کي گهٽ مدي ۾ آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. قازقستان جي عوام ۽ هڪومت پاران قازقستان جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي چيئرمين پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو رابطن بابت خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.