اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت ??ڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪست??ن جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل تعاون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ ??ڌا??ڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک نوجوانن کي ??رب??ت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ?? ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجيٽل تعاون ??ڌا??ڻ ۽ گڏيل تجربن مان سکڻ جي ل??ءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي ل??ءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجيٽل تعاون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪندڙ ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪندي.