اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جي ??ن مختلف فيصلن جي خلاف لاڳاپيل بئنڪن جون اپيلون رد ڪن??ي متاثرين کي 1 ڪروڙ 40 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. بئنڪنگ ??هت??ب متاثرين جي اپيل تي البرڪه بئنڪ کي 90 لک رپيا ۽ حبيب بئنڪ کي 50 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو. ايوان صدر جي ??يڊيا ونگ پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي ته فراڊ جي ??تاثرين بشمول هڪ اوورسيز پاڪستاني کي بئنڪن جي انتظاميا جي ??ٿان وڏو نقصان کڻڻو پيو ۽ انهن کي ڪو ريليف فراهم نه ڪيوويو. هن عوام تي زور ڏنو ته اهي بئنڪنگ ??هت??ب جي خدمتن مان فائدو کڻن ته جيئن فراڊ جي ??عاملن سان گڏوگڏ بئنڪ جي اهلڪارن/ آفيسرن جي بدانتظامي جي خلاف ريليف حاصل ڪري سگهجي. ٻنهي ڪيسن جي تفصيلن موجب مسز زاهده نسيم (شڪايت ڪن??ڙ) البرڪه بئنڪ، ڊي ايڇ اي برانچ لاهور ۾ 2017-03-03 تي پنهنجو پاڪستاني رپين جو اڪائونٽ ۽ 2017-03-28 تي برطانوي پائونڊ اسٽرلنگ جو اڪائونٽ کوليو. هن پنهنجي چيڪ ۽ ٽي ڊي آر درخواست فارم تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال جي ??اءِ 10.7 ملينر پين جي ??رم ڊپازٽ جي ??اءِ درخواست ڏني. ان وقت جي برانچ مئنيجر عمر اڪرام بئنڪ جي ??يٽر هيڊ تي کيس جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو. جڏهن ته جولاءِ ۾ درخواستگذار کي خبر پئي ته فراهم ڪيل اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو هو. مئنيجر دوکيبازي سان سندس چيڪ استعمال ڪيو ۽ ٽي ڊر آر بدران ريئل ٽائم گراس سيٽلمينٽ جي درخواست ڪئي. بعد ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته عمر اڪرام مبينا طور تي 125 ملينر پين جي ??ڏي رقم جو فراڊ ڪيو ۽ هو پنهنجي بئنڪ صارفين کي ۽ جعلسازي جي ذريعي بئنڪ اسٽيٽمينٽس ٺاهڻ ۽ فراهم ڪرڻ ۾ ماهر هو. ان جو اعتراف بئنڪ پاران ڪيو وي جنهن ڪلائنٽس جي ??اليسين کي منسوخ ۽ مختلف معاملن ۾ لاڳاپيل اڪائونٽس ۾ رقم واپس ڪئي هئي. هن ڪيس ۾ اڪرام جي ذاتي ڊرائيور جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 90 لک رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي. مسز نسيم البرڪه بئنڪ کي پنهنجي ??ڃايل رقم ان جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هن پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. اهڙي طرح جي ??ڪ ٻئي ڪيس ۾ هالينڊ ۾ رهندڙ هڪ اوورسيز پاڪستاني مشتاق احمد باجوه (شڪايت ڪن??ڙ) جو فيصل آباد ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي برانچ ۾ پي ايل ايس سيونگ اڪائونٽ هو. هن 2017-04-14 تي ان وقت جي برانچ مئنيجر اختر حسين کي 50 لک رپيا ڪيش حوالي ڪيا. برانچ مئنيجر ڊپازٽ سلپ ڀري ۽ ان تي صحيحون ڪرڻ ۽ ٺپو هڻڻ کانپوءِ شڪايتڪ ندڙن جي حوالي ڪري ڇڏي. بعد ۾ ان جي ڀاءُ ان کي هالينڊ ۾ اطلاع ڪيو ته لاڳاپيل بئنڪ ۾ هڪ اندروني فراڊ ڪيو ويو آهي ۽ اڳوڻي برانچ مئنيجر پاران ڪيترن ئي کاتيدارن جي جمع ڪيل فدنذ ۾ گهپلو ڪيو ويو آهي. مئنيجر دوکيبازي سان ڊپازٽ سلپ تي ذاتي طور تي ڏني ويندڙ رقم بدران ڪجهه خيالي چيڪ نمبر داخل ڪري ڇڏيا هئا. وڌيڪ اهو ته بئنڪ مرڪزي جوابدار ۽ ان جي ساٿين جي خلاف ايف آءِ اي فيصل آباد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي. بئنڪ مشتاق باجوه جي شڪايت کي تسليم ڪرڻ جي باوجود ان جي دعويٰ جي ادائيگي نه ڪئي، جنهن کانپوءِ شڪايت ڪن??ڙ انصاف جي ??اءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪنگ محتسب ٻنهي ڪيسز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ حقيقتن جو جائزووٺڻ کانپوءِ لاڳاپيل بئنڪن کي حڪ?? ڏنو ته شڪايت ڪن??ڙ کي ان جي ??ڃايل رقم واپس ڪئي وڃي. وفاقي محتسب چيو ته شڪايت ڪن??ر پنهنجي ??حنت جي ڪمائي لاڳاپيل بئنڪن جي حوالي ڪئي ۽ اهو بئنڪن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي صارفين جو تحفظ ڪن. هن قرار ڏنو ته مستعد بئنڪ عملدارن، ايماندار ۽ پيشيور عميل جي ??قرري بئنڪ جي ذميواري آهي، شڪايت ڪن??ڙ جي ??ه آهي. بئنڪنگ محتسب چيو ته بئنڪ اهڙن معاملن ۾ ذميواري کان بچي نه ٿي سگهي جڏهن اڪائونٽ هولڊر سان ان جي انتظاميا پاران دوکيبازي ثابت ٿي وڃي ٿي. محتسب حڪ?? ڏنو ته ٻئي بئنڪون وڌيڪ دير کانسواءِ شڪايت ڪن??ڙن جي ??قصان کي پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. ان کانپوءِ بئنڪنگ محتسب جي ??يصلن جي خلاف جدا جدا اپيلون داخل ڪيو?? ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جي ??نهي فيصلن کي ان بنياد تي برقرار رکيو ته بئنڪنگ کي شڪايت ڪن??ڙن جي دعويٰ رد ڪرڻ جو باقاعده موقعو ڏنو ويو، پر بئنڪون پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، صدر پنهنجي حڪمنامي ۾ قرار ڏنو ته بئنڪن بئنڪنگ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو مناسب جواز فراهم نه ڪيو، ان لاءِ انهن جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.