اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) شوڪت ترين کي وزيراعظم جو ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي آئين جي آرٽيڪل 93 جي ڪلاز ون جي تحت پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪند?? شوڪت ترين جي ناڻي واري صلاحڪار طور مقرري جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن مو??ب ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار جو عه??و وفاقي وزير جي برابر هوندو.