اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شه??ي کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آفيس??ن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شه??ي جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪل رجسٽرار آفيس جي خلاف انڪوائري ڪئي و??ي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪل رجسٽرار آفيس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل رجسٽرار آفيس شه??ي جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي و??يراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل ??فيس??ن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.