اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بر??ڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري ره??و هو. اسٽينڊنگ ڪ??يٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته بر??ڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ??ني ته جڏهن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.