اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪ??شش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر م??لسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فلور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.