اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا و??ئر?? جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 13 متاثر مريض ان و??ئر?? سبب فوت ٿيا جنهن مان 12 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ گهر ۾ ان و??ئر?? سبب فوت ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 27 هزار 50 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 6 هزار 551، پنجاب ۾ 10 هزار 957، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 750، اسلام آباد ۾ 4 هزار 704 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 98 ، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ??شم??ر ۾ 610 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 646 ٿي چڪو آهي، آزاد ??شم??ر ۽ ب??وچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 89 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 855 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا و??ئر?? سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 26 هزار 216 آهي، جنهن مان آزاد ??شم??ر ۾ 3 هزار 688، بلوچستان ۾ 15 هزار 767، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 127، اسلام آباد ۾ 18 هزار 578، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 886، پنجاب ۾ هڪ لک 2 هزار 253 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 42 هزار 917 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 715 آهي.