اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو مفاد پاڪستان جي مفاد ج?? ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف قانونسازي نه ٿئ?? ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃ?? ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌ?? ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئ?? ها?? موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ م??وث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. و??ير??عظم عمران خان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحسين پيش ڪيو.