اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصو??ي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪري?? جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت مي??ر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپي?? جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقعا آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪ??ر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري اسان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا کان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت تي اثر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.