اسلام ??با?? – 27 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس سبب 75 فوتگيون ٿيون جنهن مان 36 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ??لڪ ۾ 2 هزار 726 ماڻهن جا ڪ??رو??ا ٽيسٽ مثبت آيا. ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 42 س??ڪڙو، پشاور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رو??ا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 706 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 22 هزار 43، پنجاب ۾ 24 هزار 914، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 771، اسلام ??با?? ۾ 5 هزار 157، بلوچستان ۾ هڪ هزار 418، گلگت بلتستان ۾ 476، آزاد ڪشمير ۾ 907 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 31 هزار 744 ٿي چڪو آهي.