اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪندي چوڌري فواد حسين کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جڏهن ته شوڪت ترين کي ناڻي ?? روينيو واري وزارت جو قلمدان سونپي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب شوڪت فياض احمد ترين کي خزاني ۽ روينيو واري وفاقي وزير جون ذميداريون ڏنيون ويون آهن، محمد حماد اظهر توانائي جو وفاقي وزير، مخ??وم خسرو بختيار صنعت ۽ پيدوار ۽ سيد شبلي فراز سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير هوندو.