اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو ا??پي??ر اڄ خميس ڏينهن 9 رڪني پارلياماني وفد سان گڏ 3 ڏينهن جي دوري تي افغانستان روانو ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر جو اهو دورو پنهنجي هم منصب افغان ولوسي جرگه جي چيئرمين مير رحمان رحماني جي خصوصي دعوت تي ڪري رهيو آهي، دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏ??ل لاڳاپن، واپار ۽ سيِڙپڪاري، علائقائي امن سميت ٻنهي قومن کي هڪ ٻي جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ آهي.