اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يوڪرائن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) نوئيل اسرائيل کوکر ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر عارف علوي نامزد سفير کي ي??ڪرائن ?? مقرري تي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چي?? ته پاڪستان يوڪرائن سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چي?? ته اميد آهي ته نامزد سفير يوڪرائن سان پنهنجي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪندو